سنڌ پاران بوسٽرشاٽس لاءِ وفاق کان ويڪسين طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بهبود آبادي ۽ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ڪورونا جي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون کان بچڻ جي لاءِ وفاق کي موثر اُپاءَ وٺڻا پوندا ملڪ ۾ داخل ٿيندڙن جو ايئرپورٽس ۽ ٻين انٽري پوائينٽس تي ريپڊ اينٽي جينٽ ٽيسٽ يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت بوسٽر ڊوز مفت ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ کي بوسٽر ويڪسين جي لاءِ 20 لک خوراڪن جي ضرورت آهي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪرونا جي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون جي جينو مڪ پروفائلنگ دوران 30 جاين تي تبديليون ڏٺيون ويون آهن، نئين ويريئينٽ جو ويڪسينيٽيڊ ماڻهن تي ڪهڙو اثر ٿيندو اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر هاڻي اسان کي احتياط جي معاملي ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو،هن چيو ته وفاق کي 10 لک ڊوزز فائزر، 5 لک موڊرنا ۽ 5 لک ايسٽرا زينيڪا جي فراهمي جو چيو آهي اهي سموريون خوراڪون بوسٽر ڊوز طور اسعمال ڪيون وينديونميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا جي حوالي سان سوال جي جواب صوبائي وزير چيو ته ڪابينا جي منظوري کان پوءِ 50 سيڪڙو مارڪن تي داخلا ڏينداسين. هن چيو ته جناح اسپتال ۾ خالي جاين تي جلد ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا هوڏانهن  سنڌ حڪومت ڪورونا ايمرجنسي جي بنياد تي صحت کاتي جي ملازمن جي بدلين ۽ مقرري تي ايندڙ حڪمن تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا ايمرجنسي جي بنياد تي مقررين تي پابندي هوندي اهڙي پابندي گريڊ هڪ کان 18 تائين جي ملازمن تي لڳائي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.