ادارا تنقيد کان بچڻ لاءِ سياست ۾ مداخلت بند ڪن: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم جا حڪمران پيداواري ۽ سامراج جي نرسري جا ايجنٽ آهن. موجوده ۽ پوئين حڪومتون اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اقتدار ۾ آيون جيڪڏهن ادارن کي نشانو بڻائڻ نه گهرجي ته انهن کي به سياست ۾ مداخلت بند ڪري غير جانبدار رهڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ بيروزگار نوجوانن جي احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته   ظالم جاگيردارن، ڪرپٽ سرمائيدارن ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي سازشي عنصرن کي گهر موڪلڻ جي لاءِ قوم جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته  گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جمهوري پاڪستان جي پيشاني تي بدنما داغ آهي. گوادر جا غريب ماهيگير پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ نسله ٽاور جا متاثرين پنهنجا حق گهري رهيا آهن. توهين عدالت ڏوهه آهي پر انسان جي توهين ۽ انصاف جي توهين نه ٿيڻ گهرجي.  سراج الحق ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان، جماعت اسلامي بلوچستان جي سيڪريٽري جنرل مولانا هدايت الرحمان کي ڪراچي ۽ گوادر جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.