نوابشاهه ۾ شگر ملون حڪمران ڌر جون آهن: ارباب رحيم

سڪرنڊ(ن ع آ) اڳواڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سڪرنڊ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ راشد کهڙو پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيوآهي ته سنڌ جي ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏئي هاڻ پاڻ احتجاج ڪري رهيا آهن. سنڌ جي آبادگارن جا رهيل  پئسا مل  مالڪ ڪڏهن به نه ڏيندا. ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي ماڻهن پي ٽي آٰءِ کي ووٽ ڏنو ته مل مالڪن ڏانهن سندن رهيل اربين روپيا اسان واپس وٺرائي ڏينداسين. ضلعي نوابشاهه ۾ سڀ ملون حڪمران ڌر جي ماڻهن جون آهن. باقي هڪ مل ٻي ڌر جي آهي ان کي به مختلف بهانن سان تنگ ڪيو پيو وڃي جيئن هو اها مل کپائي هنن کي ڏي. بلدياتي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. ان باوجود به اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺبو. ان موقعي تي امام علي انڙ ، راشد کهڙو، ڪامل رند، عباس عمراڻي ، ڌڻي بخش مگسي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.