چيف جسٽس جي آڊيو رڪارڊنگ جي صلاحيت ڪنهن وٽ آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو بابت جاچ ڪميشن لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته فرض ڪيو آڊيو درست به آهي ته اصل ڪلپ ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟ ۽ اهڙي جاچ سان سڀاڻي ڪير به ڪلپ آڻي چوندو ته جاچ ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ٽيپ جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اها درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر صلاح الدين احمد ۽ جڊيشل ڪميشن جي ميمبر سيد حيدر امام رضوي داخل ڪرائي آهي. ٻڌڻي جي شروعات تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو پٽيشن ٻڌڻ جوڳي ڪيئن آهي؟ ڪنهن جي خلاف رٽ داخل ڪئي وئي؟ توهان جي درخواست حاضر سروس چيف جسٽس جي آڊيو ڪلپ بابت آهي. درخواستگذار چيو ته درخواست موجوده چيف جسٽس بابت نه پر اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آڊيو ڪلپ بابت آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته عدليا وڏن چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ عدليا جي آزادي لاءِ بار پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا، جتي سوشل ميڊيا ڪنهن ريگيوليشن بنا آهي، جنهن تي درخواستگذار چيو ته اها ڳالهه تڪليف ڏيندڙ آهي ته سوشل ميڊيا تي هي شئي وائرل ٿي ۽ ان تي بحث به ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته روز ڪجهه نه ڪجهه هلي رهيو هوندو آهي، توهان ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جاچ ڪرائيندئو؟ اسان اڳ ۾ اٽارني جنرل کي پري ايڊمشن نوٽيس جاري ڪنداسين ۽ هيءَ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي ڳالهائينداسين، عدالت کي رڳو قانون موجب حقيقتون ڏسڻيون آهن. جڊيشل ايڪٽوزم ۾ ناهي وڃڻو، عدالت کي اهو به ڏسڻو آهي ته ڪو فلڊ گيٽ نه کلي وڃي. درخواستگذار صلاح الدين احمد ايڊووڪيٽ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ٺهراءُ منظور ڪيو، تنهن ڪري عدالت مناسب سمجهي ته ان کي به نوٽيس ڏئي.ان تي چيف جسٽس چيو ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عدالت توهان جو احترام ڪري ٿي، توهان ڪجهه آڊيو ڪلپس سان ڏکارا آهيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جي آڊيو ٽيپ رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت ڪنهن وٽ آهي؟ ڇا هُن اها رليز ڪئي يا آمريڪا ۾ ويٺل ڪنهن ماڻهو؟ مبينا آڊيو ٽيپ ٻڌڻي هيٺ اپيلن واري ڪيس بابت آهي، جن جي ڪيسن بابت ٽيپ آهي، انهن معاملو عدالت ۾ آڻڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. چيف جسٽس سوال اٿاريو ته فرض ڪيو آڊيو درست به آهي ته پوءِ اصل ڪلپ ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟ اهڙي جاچ سان سڀاڻي ڪو به ڪلپ کڻي ايندو ۽ چوندو جاچ ڪيو. پوءِ عدالت اٽارني جنرل کي پري ايڊمنش نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.