ججن جي سيمينار ۾ سزايافتا ڏوهاري کي گهرايو ويو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار گهرجي، بزدل ۽ بدعنوان شخص ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. سومر تي القادر يونيورسٽي جهلم جي اڪيڊمڪ بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جو تعليمي نظام ترقي جي رستي تي وڏي رڪاوٽ آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج موبائيل فون آهي، اسان سوشل ميڊيا کي بند نٿا ڪري سگهون پر پنهنجي ٻارن کي سٺي ۽ خراب جي تميز سيکاري سگهون ٿا جيڪڏهن اسان پاڪستان کي ڏسون ته 1985ع کانپوءِ هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏي تباهي بدعنواني جي صورت ۾ آئي، اهڙو معاشرو جنهن ۾ محنت ڪندڙ اهو ڏسي ته قبضا گروپ وڏا وڏا پلازا به تيار ڪري وٺندو آهي ۽ اهو اسيمبلين تائين به پهچي ويندو آهي ته اهڙي معاشري ۾ اخلاقيات پروان نٿي چڙهي سگهي، اسان جي بدقسمتي آهي ته سپريم ڪورٽ مان سزا يافته شخص ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، ان کي ججن جي سيمينار ۾ خاص مهمان طور گهرايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.