عاصمه جهانگير فائونڊيشن نواز شريف جي تقرير تي حڪومتي تنقيد رد ڪري ڇڏي

لاهور(م ڊ) عاصمه جهانگير فائونڊيشن لاهور سيمينار ۾ نواز شريف جي تقرير تي حڪومتي تنقيد رد ڪري ڇڏي آهي، پڌرائي ۾ چيو وي ته ڪانفرنس ۾ ڪنهن هڪ پارٽي جو ساٿ ڏيڻ يا جانبداري واري تاثر کي رد ڪريون ٿا، ڪانفرنس جي روايت آهي ته پڄاڻي واري سيشن ۾ اپوزيشن اڳواڻن کي گهرايو ويندو آهي، فائونڊيشن پاران چيو ويو ته پهرين ڪانفرنس ۾ شيرين مزاري ۽ بلاول ڀٽو، ٻي ۾ يوسف رضا گيلاني خطاب ڪيو، شروعاتي ٻن سيشنز ۾ ڪنهن به اعتراض نه واريو، جڏهن ته نواز شريف جي تقرير کي بليڪ آئوٽ ڪرڻ موجود دور ۾ ميسر اظهار جي آزادي تي سوال اٿن ٿا، موجود حڪومت اسحاق ڊار ۽ پرويز مشرف جون تقريرون نشر ٿيڻ ڏنيون، جن کي عدالت اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس کي ٽارگيٽ ڪري حڪومت عدليا کي درپيش اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عاصمه جهانگير ڪانفرنس عوام جي اسيمبلي آهي، ان کي سياسي رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.