اوٻاوڙو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ تڪرار ڪُر کنيو، 3 ڄڻا مارجي ويا،ڌريون مورچابند

گهوٽڪي/اوٻاوڙو ( رپورٽ آزاد مهر+عبدالحئي ڇڄڻ+بشير ملڪ ) اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي ٻيلو  ڪچي واري علائقي ۾  ڌونڌو برادري ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾  هلندڙ خوني تڪرار تيز  ٿي ويو شر برادري جي اٺ کان مٿي هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو ويجهو چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾  گوليون لڳڻ ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا مارجي ويا مارجي ويلن ۾ ڌانڌو برادي جا ٻه  نوجوان بادل ڌونڌو ,  حنيف ڌونڌو ۽ شر برادري جو هڪ ڄڻو الاهو شر شامل آهن   اهڙي واقعي بعد شر برادري جا هٿياربند مارجي ويل الاهو شر جو لاش ساڻ ڪري  فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن  جڏهن ته واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهيو ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول پکڙجي ويو اهڙو اطلاع ملڻ تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ تي نه پهچي سگهي ڌانڌو برادري جي مارجي ويل ٻن ڄڻن جا لاش  ٻه  ڪلاڪ تائين واقعي واري  هنڌ تي گهر اندر پيل رهيا ۽ مارجي ويلن نوجوانن جي گهر اندر قيامت ڀرپا ٿيل آهي ۽ وارثن ۾ ڪهرام متل آهي جنهن بعد ٽن ڪلاڪن بعد رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي مارجي ويل ڌانڌو برادري جي ٻن ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال آندا ويا لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.