موبائل فون تي ٽيڪس واپسي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) موبائل فون ٽيڪس جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ موبائل فون ڪال تي 5 منٽن کان پوءِ 75 پئسا ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڏنو هو. جنهن کي ايف بي آر سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، عدالت طرفان اهو حڪم مختلف موبائل ڪمپنين جي درخواست تي جاري ڪيو ويو هو. ايف بي آر طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 5 منٽن جي ڪال کان پوءِ 75 پئسا فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي قانون موجب آهي. فنانس ايڪٽ 22-2021 ۾ 5 منٽن جي ڪال کان پوءِ 75 پئسا ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ بل کي هاءِ ڪورٽ غلط قرار نٿي ڏئي سگهي. ان ڪري عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 18 آڪٽوبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.