پرياڪماري جي بازيابي لاءِ صالح پٽ ۾ پوليس ڪئمپ قائم

سکر(رپورٽ:اختيار چنا )  صالح پٽ مان 10 محرم الحرام تي پراسرار گم ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنمشتاق مهر صالح پٽ ۾ ڪئمپ قائم ڪري ڊي آءِ  جي سکر مظفر نواز، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي نگراني ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اغوا ٿيل نينگري پرياڪماري جي بازيابي لاءِ آپريشن جي نگراني ڪري آهي، نينگري جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون تيز ڪندي ڇاپا مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي جلد ممڪن ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پريا ڪماري جي اغوا جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي هئي جڏهن ته نياڻي جي وارثن احتجاجن دوران پوليس ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.