صدر جي سربراهي ۾ اجلاس، سخاوت راجپوت جي قتل جي مذمت

ڪراچي (رپورٽر) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي ڪالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله نيازي موجود هئا. اجلاس ۾ صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ سخاوت راجپوت جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪندي واقعي ۽ ڪيس تي هينئر تائين پوليس پاران ڪيل اڳڀرائي بابت تفصيل معلوم ڪيا. صدر پاڪستان چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن حليم عادل شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته پوليس ڪيس جي جاچ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ کان لنوائي رهي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پوليس جي غفلت سبب مبينه طور تي ڪالعدم تنظيمون متحرڪ ٿي رهيون آهن جنهن تي اڳڻتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.