ڏهي کائو، صحتمند رهو

 

جيئن کير کي ماهر صحت لاءِ اهم قرار ڏيندا آهن، ائين ئي ماهرن ڏهي کائڻ جا به ڪيترائي فائدا ٻڌايا آهن.

ٻار هجن يا وڏا، عام طور تي سڀ ڏهي کائڻ کي ترجيح به ڏيندا آهن، ڇو ته ان ۾ شامل غذائيت اسان جي صحت لاءِ تمام سٺي هجي ٿي.

هاءِ بلڊ پريشر جو علاج

ڏهيءَ ۾ وٽامن بي هوندو آهي، جيڪو هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي، گڏوگڏ ڏهي جو استعمال اکين جي روشني تيز ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو.

جسم جي ٿڪاوٽ ختم

ٿڪاوٽ ڀڄائڻ لاءِ ڏهيءَ جو استعمال تمام موزون آهي، توهان کي جيڪڏهن جسم ۾ ڦڙتي نه هجي ۽ سستي محسوس ڪيو ته هڪ پيالي ڏهي کائو.

ننڊ جا مسئلا حل

جن ماڻهن کي ننڊ گهٽ ايندي آهي يا اوجاڳو هوندو آهي، اهي ڏهيءَ جو استعمال ڪن، ڇو ته ڏهيءَ ۾ ميگنيشيئم موجود هوندو آهي، جيڪو ننڊ جا مسئلا حل ڪري ٿو.

ڪيلشيئم سان ڀرپور غذا

ماهرن موجب انساني جسم کي هڪ ڏينهن ۾ جيتري ڪيلشيئم جي ضرورت هوندي آهي، ان جو 49 سيڪڙو ڏهي جي هڪ ڪوپ ۾ هجي ٿو، مطلب روز ڏهي جو استعمال اسان جي هڏن ۽ جسم جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.