”ميون جي رَسُ نون ڄاول ٻارن ۾ ٿولهه جو سبب بڻجي ٿي“

ميريلينڊ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائنسدانن چار هزار کان وڌيڪ نون ڄاول ٻارڙن تي ستن سالن جي تحقيق کان پوءِ دريافت ڪيو آهي ته پنهنجي زندگي جي پهرين 12 مهينن ۾ باقاعده ميون جي رَسُ پيئندڙ ٻار، بعد ۾ ٿولهه جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

ان تحقيق ۾ آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۽ ٻين طبي ادارن جي ماهرن ٻارن جي مائرن کان سوال جواب ڪيا ۽ سروي فارم ڀرايا جن جو واسطو انهن جي ٻارن جي روز استعمال جي غذائن سان هو.

جيتوڻيڪ ٻارن جي غذا ۽ صحت جي حوالي سان آمريڪي اڪيڊمي آف پيڊياٽرڪس جون واضح هدايتون آهن ته جيستائين ٻار جي عمر هڪ سال نه ٿي وڃي، تيستائين ان کي ميون جي رَسُ (فروٽ جوس) نه پياريو وڃي ڇو جو ان ۾ رڳو مٺاڻ هوندو آهي جڏهن ته ان ۾ ٻيا اهم غذائي جز موجود ناهن هوندا.

انهن هدايتن باوجود، ان تحقيق مان خبر پئي ته تقريبن 25 سيڪڙو عورتن پنهنجي ٻارن کي پيدائش جي پهرين 6 مهينن ۾ ميون جي رَسُ پيارڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، 94 سيڪڙو ان جو استعمال 7 کان 12 مهينن جي عمر ۾ شروع ڪيو جڏهن ته رڳو 26 سيڪڙو عورتن ٻارن جي عمر هڪ سال ٿيڻ کان پوءِ کين ميون جي رَسُ پيارڻ شروع ڪئي.

 

ستن سالن تي ٻڌل تحقيق مان خبر پئي ته جن ٻارن هڪ سال جي عمر کاناڳ ئي ميون جو جوس پيتو هو، اهي اڳتي هلي نه رڳو گھڻي مٺاڻ جا عادي ٿي ويا پر انهن ۾ ٿولهه جا آثار به ظاهر ٿيڻ لڳا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.