اوٻاوڙو: پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

اوٻاوڙي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا مارجي ويا.

اوٻاوڙي ڀرسان رانوتي ٻيلي جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا مارجي ويا.

مارجي ويلن ۾ بادل ڌنڌو، حنيف ڌونڌو ۽ الاهو شر شامل آهن.

واقعي جي اطلاع پوليس پهچي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.