اسلام ڪوٽ: ڳوٺ ڄارونڀڙي ۾ ڏهڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڄارونڀڙي ۾ ميگهه ملهار سهڪار سٿ پاران هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي.

ڳوٺاڻن کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپ ۾ ليڊي ڊاڪٽرز سميت مختلف بيمارين جي ماهرن ۽ اکين جي ڊاڪٽرن 1200 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪري مفت دائون ۽ عينڪون فراهم ڪيون جڏهن ته ڪيمپ ۾ الٽراسائونڊ،اي سي جي ۽ ليبارٽري جي سهوليت پڻ موجود هئي.

ٻي پاسي ڪيمپ ۾  پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر طرفان ڪمزور ٻارن جي اسڪريننگ ڪري کين کاڌ خوراڪ ڏني وئي جڏهن ته ڪورونا کان بچاءِ لاءِ ويڪسين پڻ لڳايون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.