اوٻاوڙو: شاگردن جو ڪاليج ۾ استادن جي کوٽ خلاف احتجاج

اوٻاوڙو ڊگري ڪاليج جي شاگردن پاران ڪاليج ۾ استادن جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن علي جان دايو، اساما رند، زاهد حسين ڪوش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج ڄام ممتاز حسين ڏهر کان ڪڍي نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مختلف علائقن کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچون ٿا پر ڊگري ڪاليج ۾ استاد ناهن جنهن سبب اسان جي تعليم ۽ مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪاليج ۾ صفائي سٿرائي سميت ڪابه سهولتون نه آهي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته ڪاليج ۾ استاد مقرر ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.