گمبٽ: گھر ۾ ڪم ڪندر نينگر  کي تشدد بعد گھر کان ٻاهر ڦٽو ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج

خيرپور ۾ گھر اندر ڪم ڪندڙ پورهيت نينگر کي گھر ڌڻين پاران تشدد بعد گھر کان ٻاهر ڦٽو ڪرڻ واري واقعي خلاف سول سوسائٽي پاران ڊرٻ ميھر شاھ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڄڻ يوٿ فورم جي اڳواڻ سڪندر علي، فقير ممتاز، غلام قاسم اڄڻ ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ڪرم آباد جو رهواسي 12 سالن جو معصوم نينگر  سعدالله اڄڻ غربت سبب علي رضا ۽ انيلا شيخ جي گهر ۾ ڪم ڪندو هو جنهن کي 6 مهينن کان بک تي رکي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هنن چيو ته گھر ڌڻين نينگر کي ڏنڀ ڏيئي تشدد جو نشانو بڻائي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، حالت خراب ٿيڻ بعد کيس گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور داخل ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي نينگر تي تشدد ڪندڙ علي رضا ۽ انيلان شيخ خلاف ڪيس داخل ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.