ٺٽو: سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران  پورهيت کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف پيادل مارچ، مظاهرو

گھاري ۾هاري صدرالدين ولهاري کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران مڪلي کان ٺٽي تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گھاري ۾ ڪجھه مھينا اڳ هاري صدرالدين ولهاري کي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران دادلي ولھاري، ڊاڪٽر نصرت پليجو، خليل چانڊيو،حورالنساء پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ مڪلي کان پريس ڪلب ٺٽو  تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گھارو پوليس پورهيت صدرالدين کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا مقابلو ڄاڻائي کيس بيگناھ قتل ڪري سندس گھر اجاڙي ڇڏيو آھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي نوٽيس وٺي پورهيت جي قتل ۾ ملوث پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.