اڌ صديءَ کان جاکوڙي ڪردار قائم سولنگي

تحرير؛احسان سنگراسي

هونئن ته شهر ميرپورخاص ويجهي ماضي ۾ عالمي، اديبن، سياستدانن ۽ ڪامريڊن جو مرڪز رهيو آهي. وري الائي ڪهڙو واءُ لڳو جو نامور اڪابرن جي رحلت کانپوءِ وڏو خال پيدا ٿي ويو.1980ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ اهڙو قلمڪار ۽ سوشل نوجوان نمودار ٿيو جنهن جون نه رڳو اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻيون پڙهڻ لاءِ مليون، پرهو اڪثر تعليمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو.

اهو اسانجو ناميارو اديب، محقق ۽ ڪمپئير محترم قائم سولنگي هو، جيڪو پهرين محمد حسين قائم جي نالي سان لکندو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي تخلص ”قائم“ رهجي ۽ قائم سولنگي طور مشهور ٿي ويو. انبن جي شهر ميرپورخاص ۾ هي انبن جي ميٺاج جهڙو محبتي ۽ همدرد انسان 40 سالن کان رهائش پذير آهي، جنهن سان هر ڪميونٽي ۽ قبيلي جو فرد عزت ۽ پنهنجائپ جي رويي سان پيش اچي ٿو.

جيتو ڻيڪ سندس اڳ ۾ ٽي ڪتاب پلپل پچارون (ڪهاڻيون)، سامايل سوچ.(شاعري) ۽ پري پين پرو(سماجيات) ڇپيل آهن ۽ پنهنجي وقت ۾ پذيرائي ماڻيائون، پر سندس تازو ڇپايل ڪتاب ”شاھ لطيف جي ڪلام ۾ تصوف ۽ ويدانت“ پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي پهرين مهورت زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي ۽ ٻي تقريب لاءِ ميرپورخاص جا اهلِ قلم ۽ سماج سڌارڪ حلقو ڊسمبر 2021ع ۾ رکڻ جي تيارين ۾ آهي.

قائم صاحب جي گهڻ رُخي شخصيت جو هڪ اهو به پهلو آهي ته پاڻ ٿر ، عمرڪوٽ ۽ ناري واري علائقي کپرو توڙي ميرپورخاص جي شاگردن کي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سندس همدردي ۽ سهڪار سان سوين شاگرد اهم عهدن تي فائز آهن. ڀٽائي جي ڪلام جي پارکو ۽ محقق قائم سولنگي انهئَ ڏس ۾ سنڌ جو سيلاني ٿي، ايران ۽ پاڙيسري ملڪ به وڃي ادبي ميڙاڪن ۾ شاھ سائين جي فڪر ۽ سنڌي ٻولئَ جي واکاڻ ڪندو رهيو آهي. ائين چئجي ته لاڳيتو لکندي ڳالهائيندي ڄڻ هن پنهنجي حصي جي ڪم کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ساڻس ڪنهن به ادبي ثقافتي اداري يا فرد جي مدد جو قرض ناهي ۽ ڪڏهن به معمولي مفاد تي وڪاميو ناهي، بلڪه ٻين جي مدد ۽ سهڪار لاءِ ذريعو رهيو آهي.

هن شاھ جي شاعرئَ ۾ تصوف کي اهڙو سينگاري پيش ڪيو آهي جو تشريح پڙهڻ سان ڄڻ دل تان دَز لهندي ۽ مٽجندي محسوس ٿيندي آهي. ڀٽائي سائينءَ واقعي تصوف کي دل جي پاڪيزگي، اندر کي اجرو رکڻ ۽ قلب کي ڪٺ کان بچائڻ ئي چيو آهي. ڇو ته دنيا جي رنگينين ۾ رهي. ماحول کان بچڻ انسان لاءِ ڏاڍو اوکو آهي. جيئن سُر آسا۾ فرمايو اٿس ته،

”پيو جو پاتار، سوپسڻ کان ڪيئن پالهورهي

سالڪ مون سيکار، ڪو پَھه انهئَ پاند جو“

وري پاند پُسڻ کان بچڻ جا ڪهڙا نه ڪارائتا ۽ لاڀائتا ڏس ڏسيا آهن،

”ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ

هينئون حقيقت هير، تون ماڳ معرفت ڄاڻ

سڻج ثابوتي ساڻ، پُسڻ کان پالهو رهين“

هڪ مضمون ۾ سولنگي صاحب لکي ٿو ته، ”لطيف جي ڪلام ۾ اورچائي ۽ آدرش جو پيغام جا بجا آهي، جنهن سان ڀٽڪيل انسان کي صراط مستقيم حاصل ٿئي ٿي. شاھ سائين جي شاعري ۾ انسانيت لاءِ عظيم سکيا آهي، انسان جي دل ڪيني ۽ بغض کان خالي هجي، خدا جي قرب، جاھ و جلال سان ڀرڀور هجي“. لطيفي رنگ ۾ رڱيل قائم سولنگي سنڌ جي ناليوارن اديبن، عالمن ۽ محققن جي جوڙ جو هئڻ جي باوجود پنهنجي هُئڻ ۽ نامه چارئَ کي هڪ پاسي رکي خدمت جي ميدان ۾ بي لوث ۽ بنا متڀيد جي هندو مسلم سان ناتو نڀائيندو رهي ٿو. مارو ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ مسڪين جهان خان کوسي جيئن مسيحا بڻيل آهي، نيڪ نيتي سان ۽ پنهنجي ھَڙان وڙان ڀرجهلوٿيڻ هِنن حالتن ۾ ڏکيو شوق ۽ سودو آهي.

ڪنهن زماني ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي ميرپورخاص ۾ سچائي منزل به سياسي ڪارڪنن ۽ ادب دوست شخصين لاءِ تربيت گاھ هُئي، همدرد پريس ڏات ۽ ڏانءَ وارن جي گذرگاھ هئي، عثمانيه هوٽل ۽ صديقي مسافر خانو به ڪنهن وقت ۾ ڪامريڊن لاءِ ڪاڪ محل هئا، ڊاڪٽر يوسف ميمڻ ڪاٺياواڙيءَ جي وسيع لائبريري به مطالعي جي شوقينن لاءِ درسگاھ جو روپ هئي. انهئَ لاٽ کي ٻاري رکندڙ نون لکندڙن، شاعرن، فنڪارن ۽ خاص طور ڳوٺن ۽ ڏورانهين پنڌ کان ايندڙ شاگردن لاءِ همدردي، خدمت ۽ تربيت توڙي اوکئَ مَھل ڏڍ ۽ سهڪار جو اُهڃاڻ ۽ رابطن جو ذريعو هُئا.

اُميد ته، سندس ايندڙ ڪتاب ”جنين موهيو مَن“ جيڪو نامور علمي، ادبي بزرگ شخصيتن بابت مضمونن ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، جنهن جو مهاڳ ڏاهي ارباب نيڪ محمد لکيو آهي. جلد ڇپجي منظر تي ايندو ته ادب ۾ واڌارو سمجهيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.