ايم ڪيو ايم جو سنڌ حڪومت جي مڪاني ترميمي بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سنڌ حڪومت جي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر چيو آهي ته واٽر بورڊ، ڪي ڊي اي، بلديا وٽ هجڻ گهرجي پر مڪاني بل ۾ ترميم سان آئين جا بخيا اڊيڙيا ويا.

هن لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪندي احتجاج جو به فيصلو ڪيو.

واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.