لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ علي پرويز ملڪ الزام هنيو آهي ته پ پ جعلي ويڊيو ٺاهي اسان جي خلاف مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اين اي 133 ۾ ننڍي چونڊ کان اڳ مبينا طور پئسن عيوض ووٽ خريدڻ جي وائرل ويڊيو تي ردعمل ڏيندي علي پرويز ملڪ چيو ته تڪ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي مذمت ڪيون ٿا، اميد ته پ پ قيادت ان مڪروهه ڌنڌي جو نوٽيس وٺندي، اين اي 133 عوام ان جي ڪوڙي مهم کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته 2018 ۾ ن ليگ ان تڪ مان 90 هزار ووٽ کنيا هئا، ان چونڊ ۾ پ پ جو اسان جي ووٽن کان ڏهون حصو به نه هو.