جرمني ۾ اومي ڪرون جي ٻن ڪيسن جي تصديق

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ نئين ڪورونا ويرينٽ جي ٻن ڪيسن جي تصديق ٿي وئي آهي.

اهڙي تصديق ڏکڻ جرمن رياست باويريا جي حڪومت ڪئي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته متاثر ٻئي شخص 24 نومبر تي ميونخ ايئرپورٽ تي لٿا هئا ۽ جرمني ۾ داخل ٿيا هئا، مطلب ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا جي تبديل ٿيل قسم اومي ڪرون جي پکيڙ جا اطلاع عام ٿيڻ کان اڳ.

ٻنهي مريضن کي پي سي آر ٽيسٽ جا هاڪاري نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ 25 نومبر تي ”گهريلو آئسوليشن“ ۾ رکيو ويو.

هوڏانهن ڪورونا ويرينٽ اومي ڪرون جي پکيڙ جا اطلاع يورپي يونين جي ٻين ميمبر ملڪن مان به وصول ٿيا آهن.

واضح رهي ته اومي ڪرون کي هيل تائين سڀ کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجندڙ ۽ خطرناڪ ويرينٽ سمجهيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.