2 هزار رپين ۾ ووٽ خريدڻ ووٽ کي عزت ڏيڻ آهي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري لاهور ۾ ووٽ خريدڻ جي مبينا ويڊيو تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 2 هزار رپين ۾ ووٽ خريدڻ ووٽ کي عزت ڏيڻ آهي، ن ليگ ماڻهن کي لالچ ڏئي چونڊون وڙهندي آهي.

پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري ن ليگ کي سياست ڇڏي فلمون ٺاهڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته جڏهن به نواز شريف ۽ مريم نواز جو ڪيس لڳندو آهي ته ليڪس اچي وينديون آهن، رسيدون ڏيو يا وري جيل وڃو، ان کانسواءِ ڪو رستو ناهي.

هن پ پ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پ پ زرداري ۽ بلاول جي پارٽي آهي، اها بينظير واري پارٽي ناهي، پ پ کي سنڌ جي ٻهراڙي کانسواءِ ڪٿي به ووٽ نه مليو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ووٽنگ مشين آڻڻ جي ڳالهه تي سڀني کان وڌيڪ گهٻراهٽ ن ليگ ۽ پ پ کي ٿئي ٿي.

واضح رهي ته اين اي 133 ۾ ننڍي چونڊ کان اڳ پئسن بدلي ووٽ خريد ڪرڻ جون مبينا ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، جنهن جو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پڻ نوٽيس ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.