گهوٽڪي: ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ مچ ڪچهري

گھوٽڪي ۾ عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ جسقم ۽ جساف پاران مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

جساف اڳواڻن رشيد سنڌي ۽ ڪامريڊ اڪرم ٿهيم جي ميزباني هيٺ پبلڪ پارڪ ۾ ڪرايل ڪرايل مچ ڪچهري ۾ قومي راڳي فقير دلدار اوٺو،  لال بخش ٽڳڙ ۽ سارنگ ڪلادي قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

ثقافتي مچ ڪچهري ۾ سياسي, سماجي اڳواڻن اديب اياز لطيف دايو،  لال بخش گهوٽو،  نصرلله ڪلادي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي هنن چيو ته عوامي آواز جي ٽيم کي جس هجي جنهن سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جهڙو پيغام ڏيئي سنڌي قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن چيو ته عوامي آواز سنڌ جي هر اشو تي بهتر نموني لکي سنڌي قوم جون دليون کٽي ورتيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.