ڄامشورو: مارڪشيٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ جي فيس مقرر ڪرڻ خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي حيدرآباد بورڊ پاران مارڪشيٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ جي فيس مقرر ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن پاران مهراڻ چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مارڪس ۽ پاس سرٽيفڪيٽس جي فيس مقرر ڪرڻ خلاف قيوم تيوڻو، ياسر برفت، بابر پل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مفت ۽ معياري تعليم هر شاگرد جو بنيادي حق آهي، پر هتي روز نيون پاليسيون جوڙي شاگردن کان سندن تعليمي حق کَسڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل ناقابل برداشت آهي.

  •  هنن چيو ته اڳ جيان بنا فيس جي  اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪشيٽون مهيا ڪري شاگردن کي رليم ڏنو وڃي،  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.