اومي ڪرون دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو، نيون پابنديون

 

ڪورونا وائرس جي نئين خطرناڪ قسم ”اومي ڪرون“ جي تيز رفتار پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.

ڪورونا جو نئون خطرناڪ قسم ڏکڻ آفريڪا مان اٽلي، بيلجيئم، جرمني، جمهوريا چيڪ، هالينڊ، مصر، اسرائيل، ملاوي، بوٽسوانا، هانگ ڪانگ ۽ برطانيا تائين پهچي ويو آهي.

دنيا ۾ اومي ڪرون جي تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا ۽ سعودي عرب کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا به آفريقي ملڪن مان اڏامون بند ڪري ڇڏيون آهن.

آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر انٿوني فوچي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اومي ڪرون شايد اڳ ئي آمريڪا پهچي چڪو آهي.

هوڏانهن برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ملڪ ۾ نين پابندين جو اعلان ڪندي عوامي هنڌن ۽ سفر دوران ماسڪ جي استعمال کي لازمي قرار ڏنو آهي.

ٻئي پاسي اسرائيل به تيزيءَ سان پکڙجندڙ وائرس سبب سڀني پرڏيهين جي ملڪ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جو هي نئون قسم ڏکڻ آفريقا جي هڪ صوبي ۾ دريافت ٿيو آهي، جنهن بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل ڪورونا وائرس جي ڀيٽ ۾ ان ۾ ايتريون تبديليون آيون آهن، جو هيل تائين تيار ڪيل ڪورونا جي ويڪسين جو اثر 40 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.