ٺٽي ۾ عورت جو ماءُ سميت مڙس خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر ڀرسان سم نالي تي رھندڙ مسمات سلما زال خدو لاسي پنھنجي پيرسن ماء نظيران سان گڏ پنھنجي مڙس ۽ ڏيرن جي زيادتين خلاف مڪلي پھچي دانھيندي چيو آھي تہ 3 مھينا اڳ ھن خدو لاسي سان شادي ڪئي، پر گذريل ھڪ مھيني کان سندس مڙس، ڏيرن ۽ ان جي سمورن گھر ڀاتين جو ساڻس رويو تبديل ٿيڻ بعد سندس مڙس خدو لاسي روزانو مٿس سخت تشدد ڪري ٿو. مسمات سلمہ لاسي الزام ھڻندي چيو تہ ڪالھ کان وٺي سندس مڙس سموريون حدون اورانگي پنھنجي ڀائرن ۽ ٻين ھمدرن جن ۾ سليم، ظفر، ممتاز لاسي ۽ بيا شامل آھن، سندس گھر اچي مٿس ۽ سندس ماء تي سخت تشدد ڪري گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري المارين ۾ رکيل سندس ھزارين روپيہ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وڃڻ بعد کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ويا آھن، جن مان کيس ۽ سندس ماء کي نقصان جو خطرو آھي.  ھن چيو تہ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين جي حد جي پوليس کي دانھن ڏني آھي، جيڪا پڻ اسانجي مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي.ھن ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.