ڊگهڙي ۾نوجوانن جو شگر مل ۾روزگار نه ملڻ خلاف احتجاج

ڊگهڙي (ن ع آ )ڊگهڙي شگر مل ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي پراڻو دمبالو ڀرسان گڏجاڻي،گڏجاڻي ۾ اڳوڻي ڪائونسلر محمد آصف جٽ،ممتاز رياڙ،آفتاب آرائين ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊگهڙي شگر مل انتظاميه مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهريان ماڻهون گهرائي ڀرتي ڪري رهي آهي جيڪا مقامي ماڻھن سان زيادتي آهي هنن چيو ته مقامي نوجوانن کي ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا جيڪي جڏهن مل انتظاميه چاهي ٿي ڪڍيو ڇڏي گذريل سال به احتجاج ڪندڙ ملازمن تي تشدد ڪرڻ بعد کين نيڪالي ڏني وئي جيڪو پڻ ظلم آهي هنن مطالبو ڪيو ته مقامي نوجوانن کي ڊگهڙي شگر مل ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.