ڪورونا جي امڪاني نئين لهر، حڪومت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کان بچڻ لاءِ اسان کي اڳواٽ تياري ڪرڻي پوندي.

ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف ملڪن ڏکڻ آفريقا سميت اهڙن ٻين ملڪن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جتان وائرس پکڙجڻ جو خطرو آهي.

پاڪستان پڻ ڪورونا جي نئين امڪاني لهر کان بچڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا سميت 7 ملڪن کي سي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪندي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:اومي ڪرون جي دهشت، ڏکڻ آفريقا – نيڌرلينڊ سيريز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ختم

ان حوالي سان خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون ۽ لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا: ڪورونا جو نئون قسم، عالمي منڊي ۾ تيل اگھن ۾ وڏي گھٽتائي

هن چيو ته حڪومت ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين درست قدم کنيا ۽ قوم به ڀرپور ساٿ ڏنو، ڪورونا جي نئين لهر سان معيشت تي اثر پئجي سگهن ٿا، اسان کي تياري ڪرڻي پوندي ته جيئن وڌيڪ متاثر نه ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.