ٽيسلا کي ٽڪر ڏيندڙ اليڪٽرڪ گاڏي ميدان ۾ اچي وئي

اليڪٽرڪ گاڏين جي دنيا ۾ ٽيسلا جو نالو پهرين نمبر تي تسليم ڪيو ويندو آهي پر هاڻ ان جي ٽڪر جي گاڏي آندي آهي.

ليوسڊ موٽرز طرفان متعارف ڪرايل ”ليوسڊ ايئر ڊريم“ گاڏي هڪ چارج بعد 852 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ليوسڊ موٽرز جي ان بجلي تي هلندڙ گاڏي کي بهترين گاڏي هجڻ جو اعزاز به ملي چڪو آهي جڏهن ته اها گاڏي هلندڙ سال آڪٽوبر جي آخر ۾ ڊليور ڪرائي وئي هئي.

ليوسڊ موٽرز جي ان اليڪٽرڪ گاڏي جي اصل قيمت 65 هزار ڊالر آهي ۽ ان ڪمپني جون رڳو 520 گاڏيون ئي وڪرو ڪيون وينديون.

واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو وڌندڙ رجهان ماحول دوست ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ دنيا جون وڏيون ڪمپنيون اليڪٽرڪ گاڏين جي پروڊڪشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.