اومي ڪرون جي دهشت، ڏکڻ آفريقا – نيڌرلينڊ سيريز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ختم

 

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي نئين قسم سڄي دنيا کي وري پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جا ڪرڪيٽ تي به اثر پيا آهن.

اومي ڪرون سبب ڏکڻ آفريقا ۽ نيڌرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز ختم ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا چيو آهي ته فيصلو ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن جي گڏيل مشاورت سان ڪيو ويو.

واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ون ڊي ميچ سنچورين ۾ شيڊيول هئي پر برسات سبب اها نه ٿي سگهي هئي.

هوڏانهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل زمبابوي ۾ جاري وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر به روڪي ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.