عادلپور: ڳوٺاڻن جو بااثر جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

عادلپور ڀرسان ڳوٺاڻن پاران بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ الهرکيو لانگاهه جي رهواسين مائي سيڪينه، امير بخش، آدم لانگاهه ۽ ٻين احتجاجي ڪندي چيو ته برادري جو بااثر ربڏنو لانگاهه اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار گھڙ تي حملو ڪري عابد ۽ خادم کي سخت زخمي ڪيو هو، عادلپور ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل هجڻ باوجود جوابدار خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيو ملي رهيون آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.