ڪورونا جو نئون قسم ”اومي ڪرون“ جرمني به پهچي ويو

 

برلن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جو نئون تبديل ٿيل قسم اومي ڪرون جرمني به پهچي ويو.

جرمن صوبي هيسي جي سماجي معاملن بابت وزير ڪائي ڪلوزي امڪان ظاهر ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريقا مان موٽندڙ هڪ شخص ۾ اومي ڪرون جون علامتون ڏٺيون ويون آهن.

ڪووڊ 19 جو اهو نئون قسم پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريقا ۾ دريافت ٿيو هو.

ٻڌايو ويو آهي ته اهو قسم ڪورونا جي اڳ کان موجود قسمن کان ڪيترائي ڀيرا خطرناڪ آهي ۽ اهو تيزيءَ سان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

اڃا ان نئين قسم جي حوالي سان مڪمل سائنسي ڄاڻ حاصل ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.