”پهرين ڊسمبر کان مهانگائيءَ جي وڌيڪ قيامت ٽُٽندي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته پهرين ڊسمبر کان مهانگائيءَ جي وڌيڪ قيامت ٽُٽندي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ڊالر جي تاريخي بلندي ۽ رپئي جو ڪرندڙ قدر معاشي پاليسي درست نه هجڻ جو ثبوت آهي، ملڪ ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت هجي ها ته هيءَ صورتحال نه هجي ها.

هن چيو ته رڪارڊ معاشي خسارو ملڪي معاشي تباهي جا خطرناڪ اشارا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي بلند ترين سطح غلط معاشي رستي جو دليل آهي، قرض، مهانگائي، خسارو، ڊالر، هر شئي رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڊالر جي اڏام مهانگائي جي ٻرندڙ باهه تي تيل جو ڪم ڪري رهي آهي، خدارا اکيون کوليو، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي.

شهباز شريف چيو معاشي تباهي جو اهڙو طوفان ايندو، جنهن ۾ فٽيف ۽ ٻيا مسئلا وسري ويندا، محب وطن قوتون معاشي تباهي تي حب الوطني جي جذبي سان سوچ ويچار ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.