جيڪب آباد: منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

جيڪب آباد جي سيشن عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڌار ڌار ڪيسن ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت 20 ڪلو چرس جي ڪيس جو  جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوبدارن غوث بخش ابڙو ۽ الاهي بخش ڀيو کي 20ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد ھڪ ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته  ڪوئيٽا واسي جوابدار محمد هاشم لھڙي کي 29 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

جنهن کان پوءِ عدالت ٽنھي جوبدارن سکر سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته جوابدار پاران ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدارن جي سزا هڪ سال وڌائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.