اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدليا تي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي درخواست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ ۽ عدليا تي ٻين الزامن جي جاچ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر صلاح الدين احمد ۽ جڊيشل ڪميشن ميمبر سيد حيدر امام رضوي طرفان داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ قانون واري سيڪريٽري ۽ چئني گهرو کاتن جي سيڪريٽرين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس سان جوڙيل آڊيو ٽيپ سان تاثر ملي ٿو ته عدليا ٻاهرين قوتن جي دٻاءَ ۾ آهي، عدليا جي آزادي جي تحفظ لاءِ اهو پتو لڳائڻ ضروري آهي ته آڊيو جعلي آهي يا اصلي؟

درخواستگذارن موجب آڊيو ٽيپ عدليا جي وقار کي نقصان پهچايو آهي ۽ ان عدليا جي آزادي تي اهم نوعيت جا سوال اٿاريا آهن، آئيني عدالت هجڻ جي حيثيت سان عوام جو آزاد، غير جانبدار عدليا تي اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدليا تي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، عدليا کي پنهنجي تحفظ لاءِ آزاد ڪميشن ٺاهڻ گهرجي، سٺي شهرت وارن رٽائرڊ ججن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي نمائندن تي ٻڌل خود مختيار ڪميشن جوڙي وڃي.

درخواستگذارن چيو آهي ته ڪميشن اڳوڻي چيف جسٽس سان جوڙيل آڊيو ٽيپ جي جاچ ڪري، جڏهن ته ڪميشن کي عدليا تي الزامن جي جاچ جو به چيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.