نصيرآباد ۾ شهري اتحاد جو بدامني ۽ پوليس خلاف مظاهرو

نصيرآباد (ن ع آ) شھري اتحاد نصيرآباد پاران شھر اندر وڌندڙ بدامني ۽ پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪاروائي نـ ڪرڻ خلاف شھري اتحاد نصيرآباد پاران سينگارنوناري عمرعزيزڇٽو عنايت تنيو ابراھيم چانڊيو سرائي عاشق ڪلھوڙو زوھيب قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھرين ۽ ڪاروباري اڳواڻن پاران وڏي انگ شرڪت ان موقعي تي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو تـ نصيرآباد پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھن چور پوليس جي ياري جي ڪري شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي ھنن چيو تـ جيڪڏنھن آچر تائين ڏوھ واپس نـ ڪيا ويا ۽ ڏوھارين جي يار پويلس اھلڪارن کي نـ ھٽايو ويو تـ پوء آچر ۽ سومر تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ۽ اڱاري جي ڏينھن تي شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال سميت اربع جي ڏينھن انڊس ھاء تي اڻ کٽ ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.