بٺوري ۾ بدامني، ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر

ميرپوربٺورو (ن ع آ)ميرپور بٺورو ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڦر جي واردات، نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي ڳوٺاڻي کان موٽر سائيڪل ۽ موبائلفون ڦر ڪري ويا، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو لڳ پوليس اسٽيشن دڙو جي حد چانهيا روڊ تي پنهجي دوست سان گڏ ڳوٺ واپس ويندڙ ڳوٺاڻي بابو عيسا زئور کان نامعلوم هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل ۽ قيمتي موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ ڳوٺاڻا ڦورن جو پيڇو ڪيو ليڪن ڦورو هٿ نه اچي سگهيا، هوڏانهن ميرپوربٺورو ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران ڦر جي چوٿين واردات آهي جنهن سبب رهواسين لاءِ ڏينهن ڏٺي جو روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.