چمبڙ ڀرسان رڪشي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

چمبڙ (ن ع آ) چاڪر شاخ ڀرسان چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمون سامهون زور دار ٽڪر نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 23 ورهين جو نوجوان محمد علي ڪنڀار ٿڏي تي فوت ٿي ويو هڪ ڄڻو زخمي رپورٽ موجب چمبڙ چاڪر شاخ ڀرسان ٽنڊو غلام علي مين روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار سنجرچانگ واسي 23 ورهين جو نوجوان محمد علي پٽ خميسو ڪنڀار ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس دوست 25 ورهين جو نوجوان دلاور خان پٽ حيات خان زخمي ٿي پيو. اطلاع تي مقامي ماڻهن ۽ پوليس حادثي جي فوتي ۽ زخمي کي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي نوجوان محمد علي ڪنڀار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمي دلاور خان اسپتال ۾ زير علاج آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.