شاگرد يونين بحال ڪيو، ميرپورخاص ۾سپاف جو احتجاج، ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)  سپاف ميرپورخاص پاران لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميديڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين جي مبينا قتل ۽ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينون بحال ڪرڻ جي لاءِ سپاف اڳواڻ درياخان مري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  سپاف جي سوين ڪارڪنن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر جي مختلف روڊن تي احتجاجي مارچ ڪندي مطالبن جي مڃتال لاءِ نعريبازي ڪئي ويئي. ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن دريا خان مري، مرتضيٰ مبيجو، زمان مري ۽ ٻين چيو ته  سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي ان کان وڌيڪ مذمت انهي جي ڳالھ جي آهي ته هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين کي قتل ڪرڻ وارن واقعن کي آپگھات جو رنگ ڏيئي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي، نوشين کان اڳ نمرتا، انيلا سميت ٻين ڪيسن ۾ به جانچ ڪرڻ جي بدران معاملي کي لئه مٽي ڪرائڻ لاءِ واقعن کي آپگھات جو رنگ ڏنو ويو. هنن چيو ته شاگرد يونين تي پابندين بعد انهي قسم جي واقعن ۾ اضافو اچي ويو آهي جنهن تي شاگردن ۽ وارثن ۾ ڳڻتي ڦهليل آهي شاگردي يونين جي موجود هجڻ جي ڪري شاگردن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاري کين انصاف فراهم ڪيو ويندو هو پر هن وقت سندن آوزا اٿارڻ لاءِ سندن چونڊيل نمائنده تعليمي ادارن ۾ موجود نه آهن، تعليمي ادارن ۾ خاص طور شاگردياڻين سان ظلم ٿيڻ ۽ پيپرن ۾ پاس ڪرڻ سميت وڌيڪ مارڪون ڏيڻ لاءِ کين جنسي حراسمنٽ جو شڪار بنائڻ جون شڪايتون پڻ عام آهن جنهن ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي انتطاميا پڻ ملوث هجڻ جون شڪايتون عام آهن انهن واقعن کي روڪڻ جو واحد حل تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي آهي هنن مطالبو ڪيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي فائنل ائير جي شاگردياڻين نوشين سميت ٻين ادارن ۾ مبينا طور قتل ٿي ويل شاگردياڻين جن جي واقعن کي آپگھات جو رنگ ڏنو ويو ان تمام واقعن جي شفاف جانچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي واقعن جي تحقيقات ڪري ملوثن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگرد يونين تان پابندي هٽائي شاگردن جي يونينن کي بحال ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.