حيدرآباد پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ 2 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪارن ۾ سوار جوابدار پوليس کي هٿ نه اچي سگهيا. حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس هڪ شخص احسان علي عرف ڪاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته حسين آباد گدو ناڪي جو رهواسي احسان علي عرف ڪارو موٽرسائيڪل تي سوار پنهنجن ٻن ساٿين سميت اڪبري قبرستان لطيف آباد نمبر 8 وٽ موجود هو. پوليس کي ڏسي جوابدارن فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو جنهن جي سڃاڻپ احسان علي عرف ڪاري جي نالي سان ٿي. سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ڦرلٽ ۽ چوري جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو. هن ڪجهه وارداتن جو اعتراف به ڪيو آهي. هوڏانهن بي سيڪشن پوليس ڦر ڪيل 2 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته 4 جوابدار ٻن ڪارن ۾ سوار ٿي قمر آرڪيڊ طرف اچي رهيا هئا. پوليس ڪارن کي مشڪوڪ سمجهي ناڪابندي ڪئي ته ڪارن ۾ سوار جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس ڪارون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڪار بلوچستان مان چوري ٿيل آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.

  • گمبٽ ۾ڪانها ڪمار جي قتل خلاف احتجاج

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ جي ايس ايس ڊي ڌام ۾ ھندو برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽرياڻي نوشين ڪاظمي ۽ ٻٻرلو جي ستن ورهين جي معصوم ٻار ڪانا ڪمار جي تصويرن اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ان موقعي جي پرڪاش، سيد همير شاھ، سڪندر علي چانڊيو، محمد ادريس سومرو، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ته 2 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي پراسرار نموني موت جي جاچ ڪرائي وڃي هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ ٻٻرلو ۾ هندو معصوم نينگر ڪانا ڪمار جي قاتلن کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.