چوهڙ جمالي ۾ جهيڙي ۾ فوت ٿيل همراهه جو ڪيس داخل

چوھڙجمالي ( ن ع آ ) چوھڙجمالي ويجھو ڳوٺ حاجي عمر ونگائي ۾ ٽي  ڏينھن اڳ ونگائي برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان 32 سالا اشرف ولد قادر بخش ونگائي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ  مقتول اشرف ونگائي جي والد قادر بخش ونگائي جي فرياد تي لاڏيون ٿاڻي تي ڇھن ڄڻن نالي ادم انور صديق گلو ظفر ۽ سارنگ ونگائي تي داخل ڪري ٽن ڄڻن نالي انور صديق ۽  گلو کي گرفتار ڪيو ويو آھي،جڏھن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڇاپن جو سلسلو هلندڙ آهي واضع رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ونگائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ مقتول اشرف ونگاائي پنهنجي ڀاءُ سميت شديد زخمي ٿيو هو جنهن کي ڪراچي اسپتال نيو ويو هو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

  • بااثر جي چوڻ تي ڪيترائي قتل ڪيا، انڪار تي گرفتار ٿيس: جوابدار

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽو پوليس ھٿان 13 ڊي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، بااثر وڏيري جي چوڻ تي 5 ڄڻن کي مارڻ جو انڪشاف، خبر موجب ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور ساڪري جي رھواسي تاج جماري پوليس حراست ۾ بيان ڏيندي الزام ھنيو آھي ته ھُن ميرپور ساڪري تعلقي جي بااثر وڏيري حسين ھديو جو ھاري آھي، ھُو انتھائي ظالم قسم جو ماڻھو آھي، ھُن سندس ھٿان ڪيترن ئي ماڻھن جا قتل ڪرايا آھن، جن ۾ محمد خان گبول، حاجي قاسم سمون، محمد خان سومرو، داٻيجي جي رھواسي ڀٽو جنھن جو نالو ياد ناھي شامل آھن،ھن چيو ته بااثر وڏيري  پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيـئر نائب صدر عبدالحميد پنھور ۽ تعلقي ساڪري جي اڳواڻ اقبال خاصخيلي کي مارڻ لاءِ زور ڀريو پر مون انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ حسين ھديو 23 تاريخ آڱاري واري ڏينھن مال پڙي ۾ اقبال خاصخيلي کي مارڻ لاءِ ھٿياربند ماڻھو گھرايا پر اقبال خاصخيلي اتان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھن چيو ته مون عبدالحميد پنھور ۽ اقبال خاصخيلي کي مارڻ کان انڪار ڪيو ته وڏيري پوليس جي معرفت گرفتار ڪرائي 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.