وڏيرو ۽ سردار سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن:حيدرآباد ۾ ثقافتي ڪچهري

حيدرآباد(رپورٽر) سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو پاران حيدرآباد ۾ منيزاز هائوس تي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ “ساڃاهه وندن جي ثقافتي ڪچهري” واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي جي وي سينيئر براڊ ڪاسٽر نصير مرزا، سماجي اڳواڻ ذوالفقار قادري، عبدالرزاق عمراڻي، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، يوسف سنڌي ۽ ايڊووڪيٽ ڀڳوانداس سميت سماجي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي، ساڃاهه وندن جي ثقافتي ڪچهري ۾ انو سولنگي لطيف جي وائي پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا ڏئي. ان موقعي تي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي چيو ويو ته سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، ثقافتي ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو آهي، هر سال مختلف نعرن سان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جون تڪليفون ۽ سور وڌي رهيا آهن، سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي تي سڄي سنڌ پاران سمورين زيادتين ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ويندو، سنڌ ۾ سردارن ۽ وڏيرن جي جبر جي ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهو تمام گهڻو ڀوڳي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت جي باري ۾ ايندڙ نسلن تائين ڄاڻ پهچائڻ انتهائي ضروري آهي.ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

  • عوامي آواز جي سڏ تي ڪوٽڙي ۾ اڄ  سيمينار ٿيندو

ڪوٽڙي (ت ر)ڪوٽڙي  ۾عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ سنڌ جو نعرو سرداري نظام جو ڇوٽڪارو جي سري هيٺ سرگرميون شروع اڄ ڄامشورو پريس ڪلب ۾ سيمينار رٿيل جنهن کي پروفيسر ڊاڪٽر امداد خواجا، پروفيسر ريحانہ چنڙ پروفيسر مخمور بخاري، پروفيسر حسام راشدي ڊاڪٽر اشو ٿاما سميت سياسي سماجي سول سوسائٽي وڪيل برادري ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.

  • حيدرآباد ۾ ف ليگ پاران ثقافت بابت تقريب

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي حيدرآباد پاران سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان حيدرآباد جي چوڪ واري علائقي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري رفيق مگسي، نيازاحمدساند، فقير عبدالحليم درس، ماجدشاھه، عمران قريشي، آفتاب احمد لاڙڪ، فقير گلزار خاصخيلي، عزيز پٺاڻ، ذاڪر ميمڻ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهجي ثقافت سان محبت آھي، اسان هن ڏينهن کي عيد جي خوشين جيان ملهايون ٿا، ثقافت جا رنگ هر طرف کان نظر اچن ٿا.

  • گهوٽڪي ساس ۽ سگا شاخ پاران ثقافتي ڏهاڙو، شاندار تقريب

گهوٽڪي ( پ ر ) سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي ۽ سگا شاخ گهوٽڪي پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاندار تقريب ۽ مشاعرو سگا آفيس گهوٽڪي ۾ ٿي گذريو، جنهن جي صدارت سگا گهوٽڪي جي صدر آغا بلاول پٺاڻ ڪئي، خاص مهمان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ،پرنسپال گورنمنٽ ڪاليج عادلپور، عبدالحئي ڀٽو، محمد حارف لنڊ، قاضي محبوب، نياز چنو، مشتاق شاهي، احسان ڪلوڙ،ماجد سنگھڙ ۽ ٻيا هئا، سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري رئوف پارس دايو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جي سيڪريٽري ايازلطيف دايو سڀني آيل مهمانن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته ثقافتي ڏهاڙو اسان جي عيد جي خوشين جهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي اسان پنهنجي مستقبل جي عزم جي تجديد ڪندا آهيون، انهيءَ موقعي تي سگهڙن ،شاعرن، اديبن شهرين سڪندر اوڳاهي، رئوف پارس دايو، عبدالحئي ڀٽو، محمد حارف لنڊ،پروفيسر عبدالحفيظ دايو، رياض مهر، فقير علي حسن منگي، پيار علي عارباڻي، الله بخش پتافي، آصف علي چاچڙ، زين العابدين شاهه، آصف علي چاچڙ، ڪامريڊ گل سنڌي، رئيس علي اڪبر دايو، احسان ڪلادي ئي ٻين پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪيون ۽ ايڪتا/ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. فنڪارن سارنگ ڪلادي، احمد ڪلادي ۽ سيد علي نواز شاهه قومي گيت ٻڌائي سڀني کي جهومائي ڇڏيو.

 

  • سنڌي ماڻهن جي سوچ الڳ آهي، جاگيرداريت انگريز دور ۾آئي:هنڱورجن ۾تقريب

 

ھنڱورجا (ن ع آ ) روزاني عوامي آواز پاران اعلانيل ھنڱورجا پريس ڪلب ۽ ھنڱورجا يوٿ فورم پاران نجي ھوٽل ۾ جاگيرداري نظام مان ڇوٽڪاري جي عنوان ھيٺ تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ اديبن,شاعرن صحافين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي.  ناليواري محقق شاعر اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر فيض جوڻيجو چيو ته ڪائنات نه ھجي ھا ته سماج نه ھجي ھا ۽ سماج جو زوال پڻ نه ھجي ھا ان مان ثابت ٿيو ته سماج ھڪ تنظيم جو نالو آهي.ھن چيو ته جتي اسان جا سياسي سماجي ۽ خاص طور جمھوري حق اظھار اقرار ۽ انڪار جو جيڪو حق آهي اھو ھڪ صرف سردار وٽ ھوندو آهي ٻيو ڪنهن غريب وٽ ناهي جڏهن توھان جا حق کسيل ھجن صرف ھڪ وٽ اھي حق ھجن ته ان نظام کي جاگيرداري نظام سڏيو ويندو آهي. اسان وٽ جاگيرداريت انگريز دور ۾ آئي.ھن چيو ته سنڌ جي ماڻهو جو سوچ فھم الڳ آهي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت علي سھتو چيو ته برصغير جي سيني تي جاگيرداري نظام جو وجود به نه ھيو ھتان جا ماڻهو مھذب رھيا آهن.سماجي اڳواڻ حاجي اعجاز احمد ملاح چيو ته اسان کي شعور جو مظاهرو ڪندي پنهنجي حقن جي حاصلات لاء اڳتي اچڻو پوندو. سينيئر صحافي ظفر تڳر چيو ته ھن جديد دور ۾ سوشل ميڊيا جي عروج سبب ڪو به ظلم زيادتي ڍڪيل نه  ٿي رھي پر وڏيرڪي سوچ اڄ به غريبن مٿان حاوي رھي ٿي ان سوچ جو خاتمو ضروري آهي سينيئر صحافي مولا بخش ٿيٻو چيو ته سنڌي قوم جي سجاڳي ۾ ئي سڀني بيمارين جو حل آهي فرمان سھتو چيو ته ساڃاھ وند طبقو گڏجي تبديلي جي علامت بنجي سگهي ٿو.ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ چيو ته معاشري کي تعليم سان ئي فرسوده نظام مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو نوجوانن کي پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي مولا بخش مشوري,محمد مٺل تنيو,پنجل لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

  • هالاڻي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ سرگرميون جاري

هالاڻي  ( ن ع آ ) سنڌ جي مختلف اخبارن ،ٽي وي چينلز پاران 5 ڊسمبر تي ثقافت  هيٺ اعلانيل ايڪتا عيد ڏهاڙو کان پوءِ  ھالاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ ايڪتا عيد جون  سرگرميون ۽ تياريون زور شور سان جاري آهن،  بازارن ۾ سنڌي ويس ،اجرڪ ، ٽوپي سميت ثقافتي شين جي وڪري ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گھوڙا ڊروڙائيندڙ به گھوڙن ۽ ڏاندن کي ڀرپور نموني تيار ڪري رهيا آهن سنڌي ادٻي سنگت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن استاد حنيف چنه،سماجي اڳواڻ  بابر علي شاھ ،شاعر اقبال گاڏھي، سنڌي ادٻي سنگت شاخ ھالاڻي سيڪريٽري شريف سومرو، شھري اتحاد قربان گاڏھي،چانگ برادري حزب الله چانگ ،دڪاندار لياقت خاصخيلي ،ادريس سھتو، ظفر اعواڻ، اعجاز خاصخيلي،شاھد چانڊيو ۽ ٻين  چيو ته ايڪتا ڏينهن کي قومي ڪاڄ ڪري ملهائڻ جو وچن ورجايو آهي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي سميت ٻولي تهذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن جي ٻارن تائين پهچائڻ اسان مٿان قومي فرض آهي 5 ڊسمبر کي اسان قومي ڪاڄ ڪري ملهائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.