مخالف ڌر بل کي رد ڪري ڇڏيو، عدالت وينداسين: حليم عادل

ڪراچي: مخالف ڌر سنڌ سرڪار جي پاس ڪيل مڪاني ادارن واري بل کي رد ڪندي چيو آهي ته سرڪار مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بل اڪثريت جي بنياد تي پاس ڪرايو آهي، ان کي عدالت ۾ چئلنچ ڪيو ويندو، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، ڪنور نويد جميل ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  پ پ جي سرڪار   اسمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ  ۽ بل جي ڪاپي ڏيڻ بنا اڪثريت جي بنيادن تي بل پاس ڪرايو، جيڪڏھن ڪا چوري نه هئي ته بل کي ميمبرن آڏو آندو وڃي ها،  ڪاميٽي جوڙي وڃي ها. هنن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اپوزيشن جا ميمبر ناهن ته خاص ڪميٽي جوڙي انهي بل کي رکيو وڃي ها، بل کي بحث لاء نه ڏنو ويو. انهي بل کي رد ڪريون ٿا, جيڪڏھن اهو رويو رهيو ته جعلسازي خلاف روڊن تي اينداسين ۽ عدالت وينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.