سنڌ ۾ ٽائون بحال، ميئر چونڊ لاءِ ڳجهو بيلٽ، لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل منظور، مخالف ڌر جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان ڪراچي سميت صوبي ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ٽائون نظام بحال ڪرڻ جو بل منظور، مخالف ڌر جو شديد احتجاج، واڪ آئوٽ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه  مخالف ڌر کي بل تي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جون تجويزون بل ۾ شامل آهن، ان باوجود جيڪي به مخالف ڌر جا خدشا هوندا اهي ختم ڪيا ويندا، هن بل سان نظام ۾ ڪافي بهتري ايندي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صداري هيٺ ڪالهه ڏيڍ ڪلاڪ دير سان ساڍا 3 وڳي شروع ٿيو، سوال جواب ۽ ٻي ڪارروائي کانپوءِ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ مڪاني حڪومت ترميمي بل 2021 پيش ڪيو ته مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين ميمبرن احتجاج ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر کين هدايت ڪئي ته هو ويهي رهن، کين ڳالهائڻ ۽ ترميمون آڻڻ جو موقعو ڏنو ويندو، ان باوجود مخالف ڌر جي ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر جي هڪ به نه ٻڌي ۽ احتجاج ڪندي ڊائيس آڏو گڏ ٿي احتجاج ڪندي نعريبازي ڪندا رهيا، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر صوبائي وزير کي بل کي شق وائيز کڻڻ جي هدايت ڪئي ته مخالف ڌر ۾ شامل پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا، جڏهن ته ٽي ايل پي جي ميمبر ثروت فاطمه واڪ آئوٽ نه ڪيو.ان بعد بل شق وائيز پيش ڪرڻ کانپوءِ پاس ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن پاران ڏنل ترميمون سندن واڪ آئوٽ ڪرڻ سبب شامل نه ٿي سگهيون، مڪاني ادارن جي ترميمي بل موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت پوري سنڌ ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ٽائون نظام بحال ٿي ويو، ميونسپل ٽائون جي آبادي هڪ لک 25 هزار تائين هوندي، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي حدن ۾ ڪو به ٻهراڙي جو علائقو نه هوندو، نئين بل تحت ميٽرو پوليٽن نظآم ۾ ضلعي نظام ختم ڪري ٽائون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ضلعي ڪائونسلن کي ختم ڪري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪيون وينديون، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ شو آف هينڊ بدران سيڪريٽ بيلٽ ذريعي ٿيندي، يونين ڪميٽيز جا وائيس چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر هوندو، يونين ڪميٽين جا وائيس چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪائونسل جا ميمبر هوندا، ٽائون ميونسپل ڪائونسل جي ميمبرن مان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊيا ويندا، بل موجب ميٽرو پوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن نظام ۾ ضلعن کي ختم ڪري ٽائون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ضلعي ڪائونسل ختم ڪري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪيون وينديون، مڪاني ادارن جي مدت حلف کڻڻ کان وٺي 4 سالن تائين هوندي، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي آبادي 50 لک هوندي، ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ڪي ايم سي کان واپس وٺي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو، عباسي شهيد اسپتال، سوڀراج اسپتال، ليپروسي سينٽر، سرفراز رفيقي سينٽر ڪي ايم سي کان کسي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مڪاني ادارن کان پيدائش ۽ فوتگي جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جا اختيار ۽  انفيڪشن ڊزيز جو شعبو واپس ورتا ويا، مڪاني ادارا صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪو به ڪم سرانجام نه ڏيندا، پبلڪ هيلٿ  پرائمري هيلٿ جو شعبو، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ميڊيڪل ايجوڪيشن مڪاني ادارن کان واپس ڪيا ويا، پبلڪ ٽوائلٽس مڪاني ادارن جي زير انتظام رهندا، بل موجب بلدياتي ادارا شادي هالن ۽ ڪلبن کان ايڊورٽائيزنگ في وصول ڪندا، فوڊ اينڊ ڊرنڪ جا قانون ٺاهڻ، اهڙن ادارن جي رجسٽريشن جا اختيار مڪاني ادارن کان واپس ورتا ويا، مڪاني ادارن جي ماتحت ڪم ڪندڙ صحت جو عملو سنڌ حڪومت جي ماتحت هوندو. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايوان اندر ۽ ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته   بل پاس ٿيڻ وقت ٽي ايل پي جي ميمبر موجود هئي ان جو مقصد ته هي بل اتفاق راءِ سان پاس ٿيو آهي، سنڌ ۾ اسان ترميم ڪري مڪاني نمائندن کي بااختيار ڪيو آھي، مخالف ڌر بل کي پڙهڻ کان سواءِ  مخالفت ڪئي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته ايندڙ سال مارچ تائين مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، ڪراچي، حيدر آباد، سکر، ميرپورخاص سميت ڊويزنن ۾ ڪارپوريشنز ٺاهينداسين، بل سان نظآم ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪي به اعتراض آهن انهن تي ڳالهيون ڪري سندن خدشا ختم ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.