”سرداري نظام نه کپي“ پي ٽي آءِ پاران عمرڪوٽ ۾ ريلي جو اعلان

عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان سرداري نظام خلاف اعلانيل ڏهاڙي جي حوالي سان پي ٽي آءِ  ايم اين اي لال مالهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عوامي آواز سرداري نظام نه کپي جو نعرو ڏئي ھڪ سٺو ميسيج ڏنو آهي، ثقافتي ريلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد، حليم عادل شيخ،  ام رباب چانڊيو ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، لال مالهي سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، خاص ڪري تعليم کاتي جي ڪارڪردگي حد کان وڌيڪ خراب آهي 7 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، سنڌ ۾ اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۽ مال جي واڙن ۾ تبديل ٿيل آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ پڻ ريمارڪس ڏنا آهن پر ڪنهن کي به اهو سڄو معاملو نظر نٿو اچي، سنڌ ۾ صحت کاتو انساني جانين سان کيڏي رهيو آهي اسپتالن ۾ عوام کي صحت جون ڪي به سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، هن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويندو، عمرڪوٽ ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي، پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ عمرڪوٽ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر دوست ميمڻ، نائب صدر علي نواز شاھاڻي. ريجنل صدر اڪبر پلي، ڪرشن شرما، اصغر پلي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.