روس ۾کاڻ اندر ڌماڪو، 52 ڄڻا فوت

ماسڪو: (م ڊ ) سائبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب 52 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 46 ڄڻا کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ 6 ريسڪيو اهلڪار آهن.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سائيبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب ڪوئلي جي کاڻ ويهي رهي جنهن ۾ 90 ڄڻا دٻجي ويا. ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي کاڻ مان 38 مزدورن کي حفاظت سان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي 6 جي حالت نازڪ هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو ٽيم جي سربراهه ٻڌايو ته فرض انجام ڏيڻ دوران 6 امدادي ڪارڪن به فوت ٿي ويا. جڏهن ته 11 جي حالت خراب ٿيڻ سبب کين اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو آهي جن مان 52 ڄڻا اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته 49 ڄڻا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.