وفاق سان تڪرار بعد سنڌ ۾ ڌار پوليس ڪيڊر جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گريڊ 21 تائين آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ صوبائي پوليس ڪيڊر ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو آهي جنهن مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس (MCMC) ۽ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (SMC) جي معيار لاءِ لازمي ڪورس شروع ڪيا آهن. اسان جي پراونشل ٽريننگ مئنيجمينٽ اينڊ ريسرچ (TMR) ونگ وفاقي حڪومت جي ادارن جيان هڪ معياري ادارو قائم ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان صوبائي سروس کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ صوبائي پوليس ڪيڊر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت تي صوبائي حڪومت جي دارومدار کي گهٽائي سگهجي. وڏي وزير اهڙو اظهار ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٽريننگ مئنيجمينٽ اينڊ ريسرچ (TMR)  پاران ڪوٺايل پهرين ايم سي ايم سي جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،  تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاهه، سيڪريٽري ٽي ايم آر تميز الدين کهڙو، صوبائي سيڪريٽريز ۽ ٽي ايم آر جي فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سالن کان ڪوشش ڪري رهي آهي ته سرڪاري ملازمن کي پيشيوراڻي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تربيتي پروگرامن ذريعي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن پروفيشنل ترقي ۽ جديد فيصلاسازي جي مهارت حاصل ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن چيف سيڪريٽري کي صوبائي پوليس ڪيڊر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن گريڊ 21 تائين آفيسرن جي کوٽ پوري ٿي سگهي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، ايم سي ايم سي جي پاس ٿيندڙ شاگردن کي واڌايون ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.