دودو ڪيس جي پُڄاڻي، ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر عباس آزاد، هار پارايا ويا

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿر جي هاءِ پروفائيل دودي واري ڪيس جي پُڄاڻي ٿي ويئي، ٺاھ جي بيانن بعد مُک جوابدار 131 ڏينهن قيد جي سزا ڪاٽڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي گهر پهچي ويا، اُنهي سلسلي ۾ ڇھه مهينا اڳ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي ڪمانڊوز جي تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جي قتل واري ڪيس جي هڪ ڏينهن اڳ ايڊيشنل سيشن جج مٺي محمد يوسف گُل جي عدالت ۾ ٻُڌڻي ٿي هئي، ٻُڌڻي دوران مقتول دودو ڀيل جي فريادي ڀاءُ عالم چند ڀيل،زال سريان ڀيل ۽ والد ڪرنو ڀيل پاران ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت پهچي وڪيل وسند ٿري معرفت جوابدارن جي ضمانت تي نو آبجيڪشن جي درخواست ڏني،جنهن بعد مٺي جي عدالت ٿرڪول بلاڪ ٽو جي پورهيت دودو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ فريادي ۽ گهر ڀاتين جي ٺاھ جي بيانن بعد ڪيس ۾ نامزد ٻن مُک جوابدارن سيڪيورٽي انچارچ ڪمانڊو ڪاشف رضا ۽ قمر عباس جي 20-20 هزار روپين جي عيوض ضمانت منظور ڪئي، عدالت پاران ضمانت منظور ڪرڻ بعد جوابدارن قانوني گُهرجون پوريون ڪيون، ڪاغذات جمع ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ قمر عباس کي 131 ڏينهن قيد جي سزا ڪاٽڻ بعد سب جيل مٺي مان آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي بعد ٻئي ڄڻا چار مهينا يارنهن ڏينهن قيد ڪاٽڻ کانپوءِ آزاد ٿي پنهنجي گهر پهچي ويا آهن، ٻُڌڻي دوران دودي ڀيل جي گهرڀاتين عدالت کي ٻُڌايو هو ته اسانجو هڪ ڪروڙ ۽ نوڪرين عيوض جوابدارن سان ٺاھ ٿيو آھي، جنهن مان 20 لک روپيه اسانکي ملي ويا آھن، جوابدارن جي ضمانت تي اسانکي ڪو به اعتراض ناهي، اسانجو جوابدارن سان ٺاھ ٿي ويو آھي، وڌيڪ ڪيس وڙھڻ نٿا چاهيون، ٺاھ ۾ سمورن گهر ڀاتين جي رضامندي شامل آھي، اهڙي بيانن بعد عدالت دودي ڪيس جي مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ قمر عباس جي ضمانت منظور ڪئي هئي،

  • ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر نجي جيل ۾ پورهيتن تي تشدد واقعي جو راز ”عوامي آواز“ فاش ڪيو

مٺي: ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر پورهيتن کي نجي جيل ۾ بند ڪري تشدد ڪرڻ واري واقعي جو عوامي آواز انڪشاف ڪيو، پهرين ڀيرو پورهيت غلام قادر کوکر سڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد ٿيڻ بعد پريس ڪلب پهچي وڌيڪ پورهيتن تي تشدد ٿيڻ جو راز کوليو،جنهن کي عوامي آواز باڪس اسٽوري جي صورت ۾ ڇپيو،اُها اسٽوري ڇپجڻ جي ٽن ڏينهن بعد مقتول دودو ڀيل پنهنجي زخمي سئوٽ مورو ۽ وارثن سان گڏ پريس ڪلب پهچي سمورو راز فاش ڪيو،ڄاڻايل معاملي کي عوامي آواز مسلسل فرنٽ پيج تي آخر تائين ڪوريج ڏني،هاءِ پروفائيل ڪيس کي وڏي ليول جي ڪوريج ملڻ بعد ڪيس مُلڪي ليول تائين پهتو،سموري ميڊيا معاملي کي کنيو.

 

  • دودي جي وارثن ٺاهه ڪري محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو: لجپت سوراڻي

مٺي: پي ٽي آءِ اڳواڻ وڪيل لجپت سوراڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ ٺاھ جي مون مخالفت ڪئي هئي، آئون اڄ به ٺاھ جي حق ۾ نه هئس، وارثن دودو جي قاتلن سان ٺاھ ڪري سموري محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي، جنهن جي آئون مذمت ڪريان ٿو، دودو ڀيل ٺاھ واري معاملي ۾ هتي پيپلزپارٽي جا مخالف ماڻھون بنا ثبوتن جي بنا تصديق جي منهنجو ميڊيا ٽرائيل ڪري رهيا آھن،جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي.

  • ڪوڙا الزام هنيا ويا، تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان ڪيتري قرباني ڏني: وسند ٿري

مٺي: دودي ڪيس جي وڪيل وسند ٿري عوامي آواز جي رابطي دوران ٻُڌايو ته اسان مٺي بار طرفان دودي جو ڪيس مُفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي مڪمل عمل ڪندي ڪيس مُفت ۾ وڙهيو آهي، دودي جي وارثن کان هڪ روپيو به ناهي ورتو، پارٽي جي ٺاھ ڪرڻ بعد وڪيل ڇا ٿو ڪري سگهي، اصل ڌُر ڌڻي ٺهي وڃن ته ڪيس عدالت به نه ٿي هلائي سگهي، باقي تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان ڪيتري قرباني ڏني آهي، دودي جي ڪيس بابت مون تي ڪوڙا الزام هڻي ساک متاثر ڪئي ويئي، اسان اڄ به ثابت قدم بيٺا آهيون، وارث ڪيس جو ٺاھ نه ڪن ها ته ڪيس وڙهون ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.