سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ ڊپريشن ۾ واسطو دريافت

جيڪڏهن اوهان سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذاريندا آهيو ته ان سان ڊپريشن کي پنهنجي طرف وڌڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهيو.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ميسا چوسٽن جنرل هاسپيٽل جي ايڪسپيريمينٽل ڊرگز اينڊ ڊائگنوسٽڪ سينٽر جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ذهني صحت وچ ۾ واسطي تي گھڻو بحث ٿي رهيو آهي.

ان تحقيق ۾ 5400 بالغ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو ۽ هڪ سال تائين سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ ڊپريشن جي علامتن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق جي شروعات ۾ ڪنهن به فرد ۾ معمولي ڊپريشن کي به رپورٽ نه ڪيو ويو هو.

پر 12 مهينن دوران مختلف سرويز ۾ ڪجهه ماڻهن ۾ ڊپريشن جي شدت بدترين ٿيندي وئي ۽ اهو خطرو 3 مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سنيپ چيٽ، فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ جي استعمال سان وڌندو ويو.

محققن چيو ته سوشل ميڊيا واقعي ڊپريشن جو سبب بڻجي ٿي، اهو اڃا واضح نه آهي.

هنن چيو ته هڪ امڪاني وضاحت آهي ته انهن ماڻهن ۾ ڊپريشن جو خطرو اڳ کان موجود هو ڀلي ظاهري طور اهي ٺيڪ هئا، اهي سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال ڪري سگھن ٿا، هڪ وضاحت اها آهي ته سوشل ميڊيا ئي ان خطري کي وڌائي ٿي.

پر سندن چوڻ هو ته ان تحقيق جو مقصد ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ نه هو.

وڌيڪ تفصيلي جاچ لاءِ تحقيقي ٽيم 18 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي (لڳ ڀڳ 56 سال) جي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڌيان ڏنو ويو، جن ۾ عورتون به شامل هيون.

شروعاتي سروي ۾ ڄاڻايل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا جيڪي هو استعمال ڪندا هئا.

انهن کان خبرون حاصل ڪرڻ جي عادتن ۽ اداسي يا ڊپريشن ٿيڻ تي سوشل سپورٽ تائين پهچ بابت پڇيو ويو.

پهرين سروي ۾ ڪنهن ۾ به ڊپريشن جي ڪا به علامت ظاهر نه ٿي هئي پر فالو اپ سروي ۾ 9 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڊپريشن جي خطري ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو.

اهو خطرو ٽڪ ٽاڪ يا سنيپ چيٽ جي 35 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي واهپيدارن ۾ وڌيڪ ڏٺو ويو جڏهن ته فيس بڪ معاملو ابتڙ ٿي ويو، ڇو جو فيسبڪ جي 35 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي واهپيدارن ۾ ڊپريشن جو خطرو دريافت ڪيو  ويو.

محققن چيو ته واضح سبب ۽ اثر ته اڃا واضح ناهن پر نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته سوشل ميڊيا ۽ ذهني صحت وچ ۾ واسطي کي وڌيڪ طريقي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جاما نيٽورڪ اوپن ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.