ڳلو خراب ٿيڻ تي هاڻ توهان کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي

 

سياري جي موسم ايندي ئي ڳلو خراب ٿيڻ جا مسئلا به سامهون ايندا آهن، جن ۾ ڳلي ۾ سوڄ، کنگهه سميت ٻيا مرض شامل آهن.

ڳلو خراب ٿيڻ جيتوڻيڪ هڪ عام بيماري ۽ هر گهر جي ڪهاڻي آهي پر ائين به ٿيندو آهي ته بي آرامي سبب مريض کي ڊاڪٽرن جا چڪر لڳائڻي پئجي ويندا آهن.

موسم جي تبديلي سان ڳلي ۾ تڪليف سبب ماڻهو لاءِ کاڌو کائڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي، رڳو اهو ئي نه پر مريض رات جو هنڌ تي پاسا مٽائي مٽائي ٿڪجي پوندو آهي.

هاڻ به سيارو اچي ويو آهي ۽ ڳلي جي خرابي جا امڪان وڌي ويا آهن، جنهن جو سبب ٿڌو پاڻي پيئڻ، اهڙا کاڌا کائڻ، جيڪي ڳلي جي خرابي جو سبب بڻجي سگهن ٿا يا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، تنهن ڪري اسان جو ٻڌايل گهريلو ٽوٽڪو توهان لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو.

ڳلي ۾ تڪليف جي صورت ۾ هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هلڪو گرم پاڻي پاڻي فائديمند هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان گرم پاڻي کان تنگ اچي وڃو ته هربل چانهه جي ٽي بيگ جو استعمال ڪري سگهو ٿا.

جيڪڏهن توهان کي ڳلي ۾ سوڄ سبب تڪليف آهي يا کنگهه جي شڪايت آهي ته هر کاڌي کانپوءِ ڪارن مرچن جا 4 کان 5 داڻا ڪُٽي هڪ چمچي ديسي گيهه ۾ گرم ڪري مڪس ڪيو ۽ اهو پي ڇڏيو، ان سان توهان کي راحت ملندي، جيڪڏهن ديسي گيهه توهان وٽ موجود ناهي ته ماکيءَ جو به استعمال ڪري سگهو ٿا.

ان ٽوٽڪي سان توهان جي ڳلي جو سُور ختم ٿي ويندو ۽ ويٺل آواز به کُلي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.